ٽي  ايس  ايليٽ

ٽي ايس ايليٽ

ٽي ايس ايليٽ

ٽي.ايس.ايليٽ (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري ليکڪ بدر اڄڻ جو، آمريڪا جي مشهور شاعر، نقاد ۽ نثر نويس ٽي.ايس. ايليٽ جي شخصيت ۽ فڪر تي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ، ايليٽ جي شاعري، ڊرامن، تنقيدي ۽ اصلاحي لکڻين جو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي. هي ايليٽ جي زندگيءَ تي هڪ مفصل ڪتاب آهي. جنهن ۾ تاج بلوچ، قاضي نذير ۽ تنوير عباسيءَ جا تاثر پڻ شامل آهن. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 170 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 100 رپيا آهي، هي ڪتاب گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا، لاڙڪاڻي طرفان ٻيو دفعو 1995ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي 1989ع ۾ شايع ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو